پي ٽي آءِ عثمان ڊار پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته 9 مئي واقعن جي رٿابندي پي ٽي آءِ چيئرمين صدارت هيٺ زمان پارڪ ۾ ٿي رياست ۽ فوج مخالف پاليسي سان هلڻ ڏکيو آهي، پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ٿو.
خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عثمان ڊار چيو ته لانگ مارچ جو مقصد جنرل عاصم منير جي مقرري روڪڻ هو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين رياست مخالف موقف جي حمايت ڪندو هو، 9 مئي واقعن جي رٿابندي پي ٽي آءِ چيئرمين صدارت هيٺ زمان پارڪ ۾ ٿي.
عثمان ڊار چيو ته 9 مئي حملن جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهي جنرل عاصم منير کي عهدي تان هٽائڻ هو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين گرفتاري تي رياستي ادارن مٿان حملي جي به حمايت ڪئي.
عثمان ڊار چيو ته حڪومت وڃڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي، مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ فرخ حبيب ٽڪراءُ واري گروپ ۾ هئا، هو اسد عمر ۽ شاهه محمود ٽڪراءُ جا مخالف هئا.
هن چيو ته جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ زمان پارڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ان ئي سوچ جو نتيجو هو، جنهن طرح ادارن تي حملا ٿيا، انهن بعد پي ٽي آءِ کي وڏو نقصان پهتو.
عثمان ڊار چيو ته موجوده صورتحال جو ذميوار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.
