ميرپورخاص ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي.
درگاهه لشڪر شاهه ويجهو جي ڳوٺ غلام محمد بگٽي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ استاد عبدالرحمان بگٽي قتل ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته عبدالرحمان اسڪول ۾ ڊيوٽي تي موجود هو ته سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، عبدالرحمان بگٽي جو پنهنجي ڀاءُ محمد حسن، ڀائٽن مختيار بگٽي، شوڪت ۽ تنوير بگٽي سان تڪرار هلندڙ هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن ورهين کان خانداني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب واقعو پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
