تازه ترين

سکر حيدرآباد موٽروي منصوبي ۾ دير سان 5 سئو ارب رپين جو نقصان ٿيندو: سيد خروشيد شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد خروشيد شاهه چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي منصوبي ۾ دير سان 5 سئو ارب رپين جو نقصان ٿيندو، ٺيڪيدار ڀڄي ويو ته منصوبو وڌيڪ رولڙي جو شڪار ٿي ويندو.

پ پ اڳواڻ سيد خروشيد شاهه، سکر حيدرآباد موٽر وي جي اڏاوت ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ هن نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ سان ملاقات ڪئي.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد ساهه چيو ته نيب چيئرمين سان ملاقات هاڪاري رهي، جنهن چيو ته اين ايڇ اي کي ڪو مسئلو ناهي ته منصوبي ۾ هو رنڊڪ نه بڻجندا.

هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبي جا ٺيڪيدار مختلف خدشن سبب ڪم شروع ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، ٺيڪيدار ڀڄي ويا ته رٿا رولڙي جو شڪار ٿي ويندي.

سيد خورشيد شاهه چيو ته نيب منصوبي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ خاطر ٻين معاملن جو به جائزو وٺي، موٽر وي انفراسٽرڪچر مڪمل نه ٿيڻ جو نقصان ڌار آهي، سندن ڪوشش آهي ته ٺيڪيدار جا خدشا ختم ٿين، منصوبي ۾ قومي خزاني مان ڪجهه ناهي لڳڻو.

پ پ اڳواڻ چيو ته بي او ٽي جي موجوده معاهدي تحت 25 ورهين ۾ مينٽيننس به ٺيڪيدار جي ذميواري آهي ۽ ان عرصي ۾ حڪومت کي ساڍار چار سئو ارب رپيا روينيو حاصل ٿيندي.

خورشيد شاهه چيو ته منصوبو سنڌ ۽ ملڪ لاءِ اهم آهي، ان ڪري نيب چيئرمين سان ملاقات جو فيصلو ڪيو، اميد ته خدشا ختم ٿيڻ تي منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
16 %
5.7kmh
57 %
آچر
29 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون