ٽنڊي باگي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي ھڪ سئو کان وڌيڪ استادن ڇھن مھينن کان پگھارون نھ ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.
استادن مرتضيٰ جمالي، اشفاق زنئور، وشنو ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي او پرائمري جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ استادن چيو تھ ڇھن مھينن کان پگھارون نھ ملڻ سبب گھرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آھي.
ھنن چيو تھ ٽي او عبدالجبار قمبراڻي بلن تي صحيح نھ ٿو ڪري، پگھارون جاري ڪرڻ لاءِ رشوت گھري پئي وڃي. احتجاج ڪندڙ استادن مطالبو ڪيو تھ نوٽيس وٺي فوري طور پگھارون جاري ڪيون وڃن.
