تازه ترين

مانجهند ويجهو سي آءِ اي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نينگر  جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو

- Advertisement -
مانجهند ويجهو سي آءِ اي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نينگر  جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو. سي آءِ اي ڄامشورو نينگر غلام مرتضيٰ ملاح جي قاتل جي موجودگي واري  اطلاع تي کاڻوٺ ويجهو ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار ڪامران عرف ڪامو رند مارجي ويو. سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي انچارج نيڪ محمد کوسو  جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار وٽان پسٽل  هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جوابدار،  نينگر غلام مرتضيٰ ملاح کي قتل ڪرڻ بعد  روپوش ٿي ويو هو. سي آءِ اي پوليس انچارج جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ هفتي تائين ڪيل جاچ بعد قاتل تائين  پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. سندس چوڻ هو ته جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار گولين جو کاڄ بڻجي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون