تازه ترين

پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي ڏکي گهڙي ۾ فلسطيني عوام سان گڏ آهي: پ پ سينيٽر شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پندرهن سئو کان وڌيڪ هٿين خالي فلسطينين جي شهادت تي دل ڏکارو آهي، پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي ڏکي گهڙي ۾ فلسطيني عوام سان گڏ آهي. شيري رحمان اسلام آباد ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪري سفير     احمد جواد ربيعي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته هو اسرائيل  طرفان فلسطينين کي 24 ڪلاڪن ۾ غزا خالي ڪرڻ جي ڌمڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته يارهن لک فلسطنين کي گهر خالي ڪرڻ جو چيو پيو وڃي ۽ دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي. شيري رحمان چيو ته هيل تائين 4 لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿي چڪي آهن، اسرائيل جي رياستي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي عالمي دنيا ۽ ادارن جو ٻٽو معيار مذمت جوڳو آهي. پ پ سينيٽر چيو ته هو گڏيل قومن ۽ عالمي ملڪن کان مطالبو ٿا ڪن ته صورتحال کي فوري طور روڪي فوري طور جنگبندي ۽ امن جو عمل شروع ڪيو وڃي، مستقل امن ۽ حل لاءِ ڌرين کي ٻه رياستي حل طرف وڃڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
27 %
2.4kmh
81 %
سُومر
24 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون