تازه ترين

خانپور: ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت پنج اهلڪار بازياب نه ٿي سگهيا

- Advertisement -
خانپور جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت اغوا ٿيل 5 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، ڏوهارين سان رابطي جي الزام هيٺ اي ايس آءِ سميت ٽن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو جڏهن ته مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس جو علائقي کي ڪڙو برقرار آهي ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع نه ٿي سگهيو. ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سيد پير محمد شاهه ڏوهارين سان واسطو هجڻ جي الزام هيٺ شڪارپور جي اي ايس آءِ عبدالمجيد ابڙي، هيڊ ڪانسٽيبل محمد عالم جتوئي ۽ قمبر ضلعي جي هيڊ ڪانسٽيبل زاهد ابڙي کي معطل ڪري پوليس هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ”بي ڪمپنيءَ“ ۾ ڪلوز ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل زاهد ابڙو قمبر ضلعي ۾ اسپيشل پوليس ٽيم جو انچارج آهي جنهن 5 ڏينهن اڳ سکر جي خانگي اسپتال تي ڇاپو هڻي خانپور جي ڪچي جي انعام رکيل ڏوهاري مهر بڊاڻي جتوئي کي گرفتار ڪيو هو. ڏوھاري مھر بڊاڻي جي پلاند ۾ بڊاڻي جتوئي ڌر پاران ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي ڪاھه ڪري ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت پنجن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا هئا جيڪي ھن وقت تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون