تازه ترين

ورلڊ ڪپ جو ٻيو اپ سيٽ، نيڌرلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي، نيڌرلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڌرم شالا ۾ کيڏيل ۾ ميچ ۾ پروٽيز ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ ڊَچ ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، برسات سبب ميچ متاثر ٿي 43-43 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. نيڌرلينڊ جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون. نيڌرلينڊ  بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون ويون ۽ 89 جي  مجموعي اسڪور تي اڌ ٽيم واپس پولين موٽي وئي. اڌ ٽيم آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز ذميواري سان بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو، هن  هڪ ڇڪي ۽ ڏهن چوڪن جي مدد سان 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ٻين رانديگرن ۾ وين ڊير مِرويَ 29، آريان دت 23 ۽ تيجا 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان نِگيِڊي، جانِسِن ۽ رباڊا 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڊَچ ٽيم طرفان مليل 246 رنسن جي حدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪن ٽيم آخري 43هين اوور ۾ 207 تي ڍير ٿي وئي. پروٽيز طرفان ڊيوڊ ملر 43، ڪِيشَوِ مهاراج 40 ۽ ڪلاِسن 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيڌرلينڊ طرفان وَين بِيڪ 3، ڊي لِيڊي، وين مِيڪرن ۽ مِرويَ ٻه ٻه شڪار ڪيا. 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي نيڌر لينڊ جي ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
10 %
8.3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون