تازه ترين

سي ڊي ڊبليو پي 71 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جي ستن ترقياتي منصوبن جي منظوري

- Advertisement -
سي ڊي ڊبليو پي 71 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جي ستن ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني آهي. رٿابندي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته 60 ارب جا ٻه ميگا منصوبا ايڪنڪ کي موڪليا ويا آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سي ڊي ڊبليو پي جو اجلاس ڊاڪٽر جهانزيب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪنيني سگهه ۾ اضافي لاءِ 31 ڪروڙ 67 لک رپين جي ماليت جا منصوبا منظور ڪيا ويا. مذهبي تعليم جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جي ماليت جي چوٿين نظرثاني منصوبي جي به منظوري ڏني وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته هيومن ڪيپيٽل بابت سيڙپڪاري پراجيڪٽ لاءِ 33 ارب رپين جي ماليت جا منصوبا به منظور ڪيا ويا. اين ٽي ڊي سي پاور نيٽ ورڪ مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ جي پائلٽ پراجيڪٽ لاءِ هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي ماليات جا منصوبا به منظور ڪيا ويا، جڏهن ته پشاور نادرن باءِ پاس منصوبي لاءِ 27 ارب رپين جي به منظوري ڏني وئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
28 %
1.2kmh
70 %
خميس
21 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون