تازه ترين

ڄامشوري ۾ حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ ڄامشورو يونٽ جي سڏ تي لالا رحمان سمون، خالد کوکر، فهد جانوري، رحيم جمالي، شاهنواز برفت، حق نواز برهماڻي، جوشيلو سنڌي، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ سومر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سي اين جي اسٽيشن کان انڊس هاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث هڪ به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جيڪا گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ آڏو سواليه نشان آهي. هنن چيو ته جان محمد جي قتل خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي هر ننڍن وڏن پريس ڪلبن تي احتجاج جاري آهن پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ جان محمد مهر جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20 ° C
20 °
20 °
34 %
0.5kmh
50 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون