- Advertisement -
خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو.
جمعي ڏينهن نگران وڏي وزير محمد اعظم خان کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
اعظم خان کي گذريل ڏينهن طبعيت خراب هئڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
ڪيترن ئي ڏينهن کان محمد اعظم خان جي چرپر محدود هئي.
آءِ ايم اي اسپتال جي ترجمان شبير شاهه جو چوڻ آهي ته گذريل رات نگران وڏي وزير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
هن چيو ته محمد اعظم خان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي، کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو هو.
آءِ ايم اي اسپتال جي ترجمان شبير شاهه چيو ته نگران وڏو وزير محمد اعظم خان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو جڏهن ته ڪجهه دير پهريان ئي نگران وڏي وزير دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي.
محمد اعظم خان 21 جنوري 2023ع تي خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير طور قسم کنيو هو.
نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جو تعلق چار سده سان هو ۽ هو رٽائرڊ بيورو ڪريٽ هو.
نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جي جنازي نماز چارسده ۾ ادا ڪئي ويندي.
صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ ٻين خيبر پختونخوا جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.- Advertisement -
