- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڊاڪس مڇر ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن تي ٻڌل ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته پوليس ڊاڪس جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٽولي کي گرفتار ڪيو .
سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ٻه غيرقانوني پسٽل، هڪ خنجر، مختلف وارداتن۾ ڦر ڪيل 13 موبائل فون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار فشري ۽ ٻين علائقن مان 25 کان وڌيڪ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.
ٻئي پاسي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان پسٽل، گوليون هٿ ڪري کيس طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
