- Advertisement -
سنڌ جي نگران حڪومت ملازمن کي حج مشن جي خدمت لاءِ مقرر نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي قانون واري نگران وزير عمر سومري وفاقي مذهبي معاملن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو.
سنڌ جي نگران صوبائي وزير عمر سومري خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جڏهن صوبائي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي ته عمل ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟.
هن چيو ته حج مشن ۾ انتظامي معاملن لاءِ مقرري ۾ صوبن جي ڪوٽا مخصوص ٿيل آهي، وفاقي حج مشن ۾ سرڪاري ملازمن کي سعودي عرب ۾ خدمت لاءِ مقرري ۾ صوبن کي ڪو حصو نٿو ڏنو وڃي.
نگران صوبائي وزير عمر سومري خط ۾ چيو ته هر سال حج پاليسي تحت لڳ ڀڳ 300 کان وڌيڪ وفاقي ملازم حج دوران حاجين جي خدمت لاءِ مڪي ۽ مديني ۾ مقرر ڪيا ويندا آهن پر وفاق سنڌ مان حاجين جي خدمت لاءِ هڪ به ملازم کي ناهي گهرائيندو.
سندس چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال ۾ وڌيڪ حج پانڌيئڙا حج لاءِ وڃي سگهن ٿا، حاجين جي وڌيڪ انگ کي نظر ۾ رکندي حج مشن لاءِ وڌيڪ ملازم گهربل هوندا.
سنڌ جي نگران صوبائي وزير عمر سومري خط ۾ چيو ته ارڙهين ترميم بعد صوبائي مذهبي معاملن واري کاتي جا ملازم به مڪي ۽ مديني ۾ حج مشن دوران خدمتن لاءِ مقرر ڪيلن ۾ شامل ڪيا وڃن…….- Advertisement -
