دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ فلسطينين جي حق ۾ پوسٽ ڪندڙن جا اڪائونٽ معطل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ فلسطينين جي حق ۾ پوسٽ ڪندڙن جا اڪائونٽ معطل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي . سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي بيان ۾ ايلون مسڪ چيو ته جيڪو به ايڪس تي فلسطينين جو مشهور نعرو (درياهه کان سمنڊ تائين، يا نئين آبادي جو خاتمو) لکندو ان جو اڪائونٽ معطل ڪيو ويندو . ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي ته انهن ٻنهي جملن جو اشارو يهودين جي نسل ڪشي طرف آهي، ان ڪري ڪنهن کي اهو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهڙي طرح جي جملن جي استعمال جي نتيجي ۾ ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽ کي معطل ڪيو ويندو. فلسطيني ”من النهرفي البحر“ جو نعرو اسرائيل کان آزادي لاءِ بلند ڪن ٿا جنهن جو مطلب درياهه اردن جي ڪناري کان رومي سمنڊ تائين آهي، انهن ٻنهي هنڌن جي وچ ۾ اسرائيلي علائقا آهن ۽ اسرائيل جا حامي الزام لڳائين ٿا ته ان نعري جو مطلب اسرائيل جو خاتمو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون