اورنگي ٽائون واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي کي سخت سزا ڏياري ويندي : حارث نواز

- Advertisement -
سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته اورنگي ٽائون واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي کي سخت سزا ڏياري ويندي، انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙي قسم جو ٽاسڪ نه ملڻ گهرجي ها. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙي قسم جو ٽاسڪ نه ڏيڻ گهرجي ها، هنن واقعي تي فوري ڪارروائي ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڊي ايس پي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس سخت سزا ڏياري ويندي. سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ايس ايس پي جي غلطي آهي، آءِ جي سنڌ کيس معطل ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي خلاف به ضروري ڪارروائي ٿيندي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي حارث نواز چيو ته پوليس جي قيادت سٺي آهي ۽ هو مطمئن آهي، نگران حڪومت اچڻ بعد ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهه ناهن ٿيا. سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته پوليس جي سپاهي جي پگهار 60 کان 70 هزار رپيا آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي خدمت لاءِ آهن. انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي عمر باجاري جي گلشن اقبال ۽ سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو. ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي ڏکڻ آفيس ۾ پهرين داخل درخواست تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته منصور شيخ کي بيان لاءِ گهرايو ويو آهي، ٻين کان به پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون