- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ھو خانگائڻ تي فوڪس ڪري رھيا آھن ۽ سندن پھرين ترجيح پي آءِ اي کي خانگائڻ آھي، ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري جي پاليسي ۾ سڌارا آندا ويا آهن، ايندڙ هفتي سيڙپڪاري بابت خوشخبريون ملنديون.
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو تھ انساني وسيلن جي ترقي ۽ سڌارن تي ڪم جاري آھي، نوجوانن کي ھنر سيکارڻ لاءِ مختلف ٽريننگ پروگرامن جي شروعات ڪري رھيا آھن.
سندس چوڻ ھو تھ خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانگائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ھو خانگائڻ تي فوڪس ڪري رھيا آھن ۽ سندن پھرين ترجيح پي آءِ اي کي خانگائڻ آھي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو تھ ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري جي پاليسي ۾ سڌارا آندا ويا آهن، ايس آءِ ايف سي ۾ سول ۽ فوجي قيادت جا ماڻھو شامل آھن.
ھن چيو تھ ايندڙ هفتي سيڙپڪاري بابت خوشخبريون ملنديون، ھو نھ رڳو خطي پر خطي کان ٻاھران بھ سيڙپڪاري آڻڻ چاھن ٿا، پرڏيھي سيڙپڪار زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندا.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو تھ حڪومتي خرچن ۾ گھٽتائي لاءِ بھ مختلف حڪمت عملي واضح ڪئي وئي آھي جڏھن تھ ڪوئيٽا تفتان ريلوي ٽريڪ بھ اپگريڊ ڪيو ويندو.- Advertisement -
