اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير 5 صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو. حڪم نامي موجب، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، نيب چيو ته علي ظفر ايڊووڪيٽ نيب جي طلبي تي نيب  23 نومبر تي نيب آفيس ۾ پيش ٿيو. احتساب عدالت جي حڪم ۾ چيو ويو آھي ته نيب ٻڌايو تھ علي ظفر ايڊووڪيٽ لاڳاپيل رڪارڊ نيب کي فراهم ڪيو، نيب جو چوڻ آهي ته علي ظفر 24 مارچ 2021ع واري معاهدي جو رڪارڊ به نيب کي ڏنو آهي. عدالت پاران جاري ڪيل حڪمنامي موجب، نيب اختيارين چيو آهي ته قومي خزاني ۾ منتقل ڪيل رقم بابت جاچ ڪرڻي آهي، جاچ مڪمل ڪري ڪيس جي قطعي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ رمانڊ جي ضرورت آهي. عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آھي تھ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن وڌيڪ رمانڊ جي مخالفت ڪئي ۽ ٻه ليٽر پيش ڪيا، هڪ ليٽر 6 نومبر 2019 جو مشرق بئنڪ سان لاڳاپيل آهي، وڪيلن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو رقم جي منتقلي سان ڪو به تعلق ناهي. احتساب عدالت جي حڪمنامي موجب، وڪيلن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو 240 ڪنال زمين جي منتقلي سان ڪو به تعلق ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ٻه ڪينسر اسپتالون ٺاهيون آهن ۽ ٽئين ڪراچي ۾ ٺاهي رهيو آهي. عدالتي حڪمنامي موجب، نيب اختيارين چيو ته علي ظفر جي ڏنل رڪارڊ جي جاچ لاءِ ريمانڊ ضروري آهي. لکت واري حڪمنامي ۾ چيو ويو آھي تھ عدالت 10 ڏينهن بدران چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ٿي. احتساب عدالت جي حڪمنامي موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين کي 27 نومبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
35%
2m/s
65%
جمعو
21 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون