- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئھ ٿيل معاھدي تحت چار ڏينھن جنگبندي جي باقاعدا شروعات ٿي وئي، جڏهن ته حماس معاهدي تي عمل ڪندي 25 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
پرڏيھي خابرو اداري موجب، عارضي جنگبندي جي شروعات مقامي وقت موجب صبح ستين وڳي ٿي جيڪا ايندڙ چئن ڏينھن اڱاري جي صبح ستين وڳي تائين جاري رھندي.
عرب ميڊيا موجب حماس جنگبندي جي معاهدي تي عمل ڪندي 12 ٿائي ۽ 13 اسرائيلي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
آزاد ٿيل يرغمالين کي غزا ۾ ريڊ ڪراس آفيس منتقل ڪيو ويو آهي.
يرغمالين کي رفاح ڪراسنگ ذريعي اسرائيلي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.
ٿائلينڊ جي وزيراعظم به حماس طرفان 12 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آھي تھ جنگبندي معاھدي تحت حماس ۽ اسرائيل طرفان يرغمالين کي ٽولي جي صورت ۾ آزاد ڪيو ويندو ۽ غزا ۾ روزانو جي بنياد تي امداد سامان جون 200 ٽرڪون داخل ٿيڻ جي اجازت ھوندي.
رفع ڪراسنگ تان ٻارڻ جا 2 ۽ گئس جو هڪ ٽينڪر غزا ۾ داخل ٿي ويو، غزا پٽي جي ڏاکڻين علائقن ۾ اسرائيلي جنگي جهازن جون اڏامون بند ۽ قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ جنگبندي جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئھ ٿيل معاھدي موجب حماس طرفان 50 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ اسرائيل 150 عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪندو.
غزا ۾ اسرائيلي جارحيت 48 هين ڏينهن به جاري آهي جڏهن ته يهودي فوج جي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 14 هزار 854 ٿي ويو آهي.
غزا ۾ عارضي جنگبندي جي شروعات اڄ اڳ اسرائيل جون معصوم شهرين خلاف وحشياڻيون ڪارروايون جاري رھيون.
غزا ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي فوج جي ڪاررواين ۾ 24 ڪلاڪ دوران 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 14 هزار 854 تائين پهچي ويو.
غزا ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته شهيد فلسطينين ۾ 6 هزار 150 ٻار شامل آهن، 36 هزار فلسطيني زخمي ٿي پيا جن ۾ 75 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن.
غزا ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي بمباري سبب تباهه علائقن ۾ 7 هزار فلسطيني گم آهن، اسرائيلي حملن ۾ طبي عملي جا 207، شهري دفاع جا 26 ۽ هن وقت تائين 65 صحافي شهيد ٿي ويا.
- Advertisement -
