تازه ترين

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم جي شروعات

- Advertisement -
سنڌ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم جي شروعات، صحت واري نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز ايم سي ايڇ سچل ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جو ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي رهي آهي، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، گذريل سال سنڌ ۾ 2 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا، پوليو جي ڪيسن جي لنڪ افغانستان سان آهي، ڪيس ملڻ وارن جو تعلق افغانستان جي هڪ ئي علائقي سان هو. سنڌ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم جي شروعات ٿي وئي جنهن دوران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. صحت واري نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز ايم سي ايڇ سچل ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جو ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد خالد نياز چيو ته اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي رهي آهي، جنهن دوران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي پوليو ورڪرن کي سلام پيش ڪن ٿا، پوليو ورڪرز ۽ سڪيورٽي اهلڪار پنهنجي جان سان کيڏي ڪري ڊيوٽي ڪندا آهن. سنڌ جي صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز چيو ته گذريل سال سنڌ ۾ 2 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا، پوليو جي ڪيسن جي لنڪ افغانستان سان آهي. هن چيو ته ڪيس ملڻ وارن جو تعلق افغانستان جي هڪ ئي علائقي سان هو. سنڌ جي صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز چيو ته پوليو ورڪرن جي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا آهن، پوليس سميت رينجرز به سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندي. سعد خالد نياز جو چوڻ هو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ بابت خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، هن ڀيري پيپر آئوٽ ٿيڻ بابت ثبوت ناهن مليا، جيڪڏهن پيپر آئوٽ بابت ايف آءِ اي جي رپورٽ ايندي ته غلطي ڪندڙن کي سزا ضرور ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون