تازه ترين

صوبي ۾ سمورا غير قانوني ڪم پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڪيا پيا وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم تي هر صورت ضابطو آندو وڃي : : نگران وڏو وزير

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول بابر چيو آهي ته صوبي ۾ سمورا غير قانوني ڪم پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڪيا پيا وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم تي هر صورت ضابطو آندو وڃي، پوليس ۾ جيڪو ڪم نه ٿو ڪري ان کي فارغ ڪيو ويندو. نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي بهتر طريقي سان جاري آهي، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين کي سڪيورٽي ڏني پئي وڃي. اجلاس دوران اسٽريٽ ڪرائيم، ڀتي خوري ۽ ڀنگ عيوض جي وارداتن بابت به بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته شهر ۾ پوليس جي پئٽرولنگ نظر نه پئي اچي، هن ڪٿي به پوليس کي چيڪنگ ڪندي ناهي ڏٺو، ٿاڻن جي انسپيڪشن نه ٿي ٿئي، شهرين کي ڦرڻ برداشت جوڳو ناهي، اسٽريٽ ڪرائيم تي هر صورت ضابطو آندو وڃي. هن چيو ته صوبي ۾ سمورا غير قانوني ڪم پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير کي منشيات جي وڪري خلاف آپريشن بابت به بريفنگ ڏني وئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي منشيات آڻن ٿا؟ منشيات هتي نٿي ٺهي ته  ڪهڙا ماڻهو ڪراچيءَ تائين ڪيئن ٿا پهچائن؟ کيس اصل ماڻهو گرفتار ڪري ڏنا وڃن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34 ° C
34 °
34 °
20 %
3.7kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون