تازه ترين

دهشتگردن کي پرڏيهي هٿيار آساني سان دستياب ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي رهي آهي

- Advertisement -
پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وٽ موجود پرڏيهي هٿيار خطي لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن. پرڏيهي هٿيارن جي دهشتگردن کي آسان دستيابي سبب پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ به اضافو ٿيو آهي. ٽي ٽي پي جي پاڪستان خلاف دهشتگردي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهي، پر هاڻوڪي دهشتگردي جي نئين لهر هڪ وڏي خطري کي جنم ڏنو آهي. افغان طالبان جي سهڪار سبب ٽي ٽي پي کي جديد پرڏيهي هٿيارن جي آسان دستيابي جي ڪري  پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾اضافو ٿيو آهي. گذريل ڏينهن وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان  جديد آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا ويا. آمريڪي هٿيار فراهم ڪري پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي منظم طريقي سان پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ لاءِ مڙهيو ويو آهي. جيڪڏهن تازن دهشتگردي جي واقعن جو ذڪر ڪيو وڃي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي پشاور، لڪي مروت، بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ آمريڪي هٿيارن سان حملا ڪيا. آمريڪي هٿيارن جي آسان دستيابي   پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي طاقت ۾ واڌ جو سبب  آهي. آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ 7 ڏهائي 12 بلين ڊالرن جا جديد آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ ڇڏيا ويا. آمريڪي هٿيار افغان طالبان جي غير منظم ڍانچي جي ڪري مختلف پاڪستان مخالف دهشتگرد تنظيمن جي هٿ اچي ويا. فيبروري 2022 ۾ بلوچ لبريشن آرمي نوشڪي ۽ پنجگور ضلعن ۾ ايف سي جي ڪيمپن تي به ساڳين هٿيارن سان حملا ڪيا. 12 جولاءِ 2023 تي زوب گيريزن تي حملي ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پاران به پرڏيهي هٿيار  استعمال ڪيا ويا. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي روپ ۾ کيڏي ويندڙ رت جي هولي جون ڪڙيون افغانستان سان وڃي ملن ٿيون. عالمي برادري کي افغانستان ۾ موجود وڏي مقدار ۾ پرڏيهي هٿيارن ۽ دهشتگرد تنظيمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54 %
1.1kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون