- Advertisement -
شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
گول مارڪيٽ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد بخش عرف مامل بروهي ۽ فرمان چنو مارجي ويا.
فائرنگ دوران دڪاندار اشوڪ ڪمار ۽ يوگيش ڪمار گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
شهرين جو چوڻ آهي ته ٻن کان وڌيڪ هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سندراڻي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي- Advertisement -
