- Advertisement -
پنجاب جي علائقي ماڇڪي ۾ هٿياربندن هٿان عورت ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي جڏهن ته ٽن اهلڪارن سميت اٺن ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.
اربع ڏينهن ماڇڪو جي علائقي ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ڪمند جي ڪٽائي دوران سولنگي برداري جي ماڻهن مٿان سيلرا، ڪوش ۽ شر برادري جي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا.
فائرنگ جي نتيجي ۾ سيلرا جي هڪ حميده سيلرو، سولنگي برادري جا ڄڻا قابل سولنگي، پرويز، شعبان، شهزادو ۽ وزير احمد سولنگي قتل ٿي ويا هئا جنهن بعد ماڇڪو پوليس جي وڏي نفري ۽ سولنگي برادري جي هٿياربند ڳوٺاڻا ڏوهارين کي ڪمند ۾ گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو هو.
پوليس مقابلي دوران ٽي پوليس اهلڪار محمد قاسم، ڄام ارشاد علي ۽ غلام حسين شهيد ٿي ويا هئا جڏهن ته چار ڏوهاري عمرو شر، ڪرمو ڪوش، لالو عرف رحم دين سيلرو ۽ علي نواز شر به مارجي ويا هئا.
جهيڙي ۽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن جو انگ 13 ٿي ويو هو.
شهيد پوليس اهلڪار غلام حسين جو لاش ڏوهارين جي قبضي ۾ آهي ۽ هڪ ڏوهاري عمرو شر جو لاش ماڇڪو پوليس وٽ آهي جن جا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن.
ٻن شهيد پوليس اهلڪارن ڄام ارشاد ۽ محمد قاسم جي جنازي نماز رحيم يار خان پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪارن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻنهي شهيد اهلڪارن کي سرڪاري اعزاز ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سولنگي برادري جي هڪ ئي گهر جي پنجن ڀاتين جي جنازه نماز ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز چانگ، اي ايس پي صادق آباد بنگل بگٽي، سولنگي برادري جي سردار عباس خان سولنگي سميت ڳوٺاڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد پنجن ئي نوجوانن جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي.- Advertisement -
