- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جيڪڏهن هو اڪيلا آهن ته تباهه ٿي ويندا، شاگردن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو، فلسطين ۾ مظالم تي سڄي دنيا ۽ مسلمان ملڪن جي بي حسي قابل مذمت آهي، بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي.
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف چيو ته سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي، سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي تعليم توڙي روزگار جو پيڪيج ڏنو وڃي، کين چين ۽ عربن جي ترقي توڙي رواداري مان سکڻو پوندو.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جا شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين، ترقي جو اهو ئي هڪ طريقو آهي، پاڪستان آيل غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي، اڄ ملڪ ۾ شاگرد ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن، سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن، ڪرپشن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، ڪو به معاشرو رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن، انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي، سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي، پندرهن سالن کان ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پهچايو پيو وڃي……..- Advertisement -
