- Advertisement -
نگران وفاقي ڪابينا سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ئي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڪابينا ميمبرن کان سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت ٻين جوابدارن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت اڊيالا جيل ۾ ئي ٽرائل ٿيندو.
ذريعن موجب، خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا کان سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ورتي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان جيل ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي حڪومت سائفر ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس لاءِ عدالتن جي قيام جي قانوني گهرجون پوريون ڪري ورتيون………- Advertisement -
