- Advertisement -
نگران وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 7 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 15 ڊسمبر تائين پيٽرول جي قيمت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي 281 رپيا 34 پيسا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 52 پيسا گهٽٽائي ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
