- Advertisement -
ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ريسڪيو ذريعن جوچوڻ آهي ته شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي بلڊنگ وٽ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنترول مان نڪري پول سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نيتجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
فوتي جي سڃاڻپ 18 ورهين جي اشعر ۽ زخمي جي 19 ورهين جي تيمور نالي سان ٿي آهي.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
