- Advertisement -
اسرائيل پاران فلسطيني اڳواڻن جي آزادي ۽ ڊگهي مدي لاءِ جنگبندي جي آڇ ڪري ڇڏي، حماس هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته فلسطينين جي نسل ڪشي رڪجڻ تائين قيدين جي مٽا سٽا تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.
اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي حڪومت 30 کان 40 اسرائيلين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته فلسطينين جي نسل ڪشي رڪجڻ تائين اسرائيل سان قيدين جي مٽا سٽا تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.
حماس موجب هو ڪو به اهڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن جنهن سان سندن ماڻهن تي جارحيت ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي.
حماس ترجمان وڌيڪ چيو ته عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي ذميوارين تان هٿ نه کڻي ۽ غزا ۾ اسرائيل کي قتل ۽ تباهي کان روڪي.- Advertisement -
