- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 15 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ۽ سينيئر سول ججن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي منظور سان ججن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ڏکڻ جي سينيئر سول جج لالا اسد ۽ سينٽرل جي فيملي مئجسٽريٽ ماهه رخ رشيد کي بدلي ڪري ٽنڊي لهيار ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
ملير جي ايڊيشنل سيشن جج تصور علي کي بدلي ڪري حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي.
خيرپور جي سينيئر سول جج سونيا اعواڻ کي بدلي ڪري نوشهري فيروز ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
گهوٽڪي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حافظ مصباح الدين ڦلپوٽو کي بدلي ڪري شڪارپور ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شڪارپور مان بدلي ڪيل جج عبدالقدير ٻرڙو کي گهوٽڪي ۾ مقررر ڪيو ويو آهي.
ٽنڊي الهيار جي سول جج ڪنول ۽ ڪاشف ڀٽي کي بدلي ڪري ڪراچي جي سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو.
سجاول جي سينيئر سول جج محمد ايوب ڀٽي کي بدلي ڪري ملير ۾مقرر ڪيو ويو آهي.
سڪرنڊ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سول جج حسن علي ڪلوڙ کي بدلي ڪري دادو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
پني عاقل جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا حبيب الرحمان کي بدلي ڪري نوشهري فيروز ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
