- Advertisement -
سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي توشا خاني مان سون ۽ چاندي جي چوري الزام ۾ پوليس اوقاف کاتي جي اڳوڻي مينيجر کي گرفتار ڪري ورتو.
درگاهه جي توشا خاني ۾ٿيل چوريءَ جو ڪيس اوقاف کاتي جي اڳوڻي مينيجر سميت 2 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو.
سيوهڻ ٿاڻي تي اوقاف کاتي جي اڳوڻي مينيجر زبير بلوچ ۽ علي رضا گوپانگ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس درگاهه تان نذراني طور مليل هڪ ڪروڙ 23 لک 77 هزار 863 رپين جو سون ۽ چاندي چوري جي ڪيس ۾ اوقاف کاتي جي اڳوڻي مينيجر زبير بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو.- Advertisement -
