هڪ پارٽي ڪالعدم ٿي وئي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان ڪيئن الاٽ ڪري : ملڪ احمد خان

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو آهي ته ماضي جي حڪومت سائفر کي بنياد بڻائي سياست ڪئي، تحريڪ انصاف جي باني 9 مئي سانحو ڄاڻي واڻي ڪيو، 9 مئي تي حملو ڪندڙ ڪارڪن ناهن، تربيت يافته غنڊا هئا، گذريل رات تحريڪ انصاف کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، تحريڪ انصاف تي پابندي ناهي لڳائي وئي، هڪ پارٽي ڪالعدم ٿي وئي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان ڪيئن الاٽ ڪري؟، هي چونڊ عمل آهي، اوهان کي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻي آهي. لاهور ۾ ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته هو عدالتن جو احترام ڪندا آهن پر عدالتي فيصلو رڳو ضمانت تائين رهندو آهي تڏهن به سوال اٿي ٿو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف هڪ ملڪ تي الزام لڳايو، عدالت چيو ته هن معاملي تي آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ لاڳو نٿو ٿئي. ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو ته تحريڪ انصاف کي بند لفافه پسند آهن، لفافي ۾ چاهي 190 ملين پائونڊ هجن يا بند لفافي سان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏن. هن چيو ته ماضي جي حڪومت سائفر کي بنياد بڻائي سياست ڪئي، سائفر بابت جلسن ۾ تقريرون ڪيون ويون، قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر طور مهر بند لفافو ڦڙڪايو ۽ قاسم سوري چيو ته هي لفافو چيف جسٽس کي اماڻي رهيو آهي. ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو ته تحريڪ انصاف جي باني 9 مئي سانحو ڄاڻي واڻي ڪيو، 9 مئي تي حملو ڪندڙ ڪارڪن ناهن، تربيت يافته غنڊا هئا، هڪ سياسي پارٽي ڪالعدم ٿئي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ان کي ڪيئن نشان ڏيندي؟.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون