- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارڙيءَ سان غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ٻارڙيءَ جي والد جي شڪايت تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ٻارڙيءَ جو عزيز آهي، ٻارڙيءَ سان غير اخلاقي حرڪت جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي آهي، جنهن ساڻس غير اخلاقي حرڪتن جون شاهديون مليون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
