- Advertisement -
پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ صبح مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي دستو گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.
مهمان خاص ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري مزار تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
صدر عارف علوي، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ ٻين قائد جي مزار تي حاضري ڀري.
صدر عارف علوي مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا.
قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ خاص تقريبون ڪوٺائي عظيم قائد جي زندگي ۽ جدوجهد تي روشني وڌي پئي وڃي.
ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيندڙ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي وزير مينشن ۾ اکيون کوليون هيون ته هي ٻار عظيم اڳواڻ بڻجي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ٻيڙي پار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
قائداعظم شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام مان حاصل ڪئي جڏهن ته ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيو بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو.
1895ع ۾ هن لنڊن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بمبئي واپس اچي باقاعدي وڪالت جي شروعات ڪئي.
1896ع ۾ محمد علي جناح پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪندي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪانگريس رڳو هندن جي نمائنده جماعت آهي.
1913ع ۾ قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڌار وطن لاءِ باضابطه تحريڪ شروع ڪئي.
آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ قائداعظم ڏينهن ۽ رات مسلمانن جي سياسي شعور کي جاڳائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا.
آخرڪار قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ڌار وطن جو خواب پورو ٿيو جنهن جو نالو پاڪستان رکيو ويو.
آزاديءَ کانپوءِ قائداعظم جي صحت خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ ڪيترين ئي بيمارين سان وڙهندي وڙهندي آخرڪار 11 سيپٽمبر 1948ع تي هن قوم جو داعي لاڏاڻو ڪري ويو.- Advertisement -
