- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺ مومن وڌيو واسي پيءُ پٽ قتل ٿي ويا آهن.
بڊي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ڳوٺ مومن وڌيو واسي گلزار چنو ۽ سندس پٽ دلدار چنو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته رات پيءُ پٽ پاڻي جي واري تي ويل هئا ته ڳولا بعد ٻنهي جا واٽر ڪورس مان لاش مليا.
وارثن چيو ته هٿياربندن گوليون هڻي گلزار ۽ سندس پٽ ديدار چنو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
گلزار ۽ ديدار چنو جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………….- Advertisement -
