- Advertisement -
ٺڪراٺي ويجهو گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب زخمي ٿيل نينگر ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
2 هفتا اڳ ڳوٺ موچي دڙو ۾ ڇت تان ھيٺ ڪرڻ سبب 13 ورھين جو ساجد علي مھتم زخمي ٿي پيو هو.
وارثن زخمي نينگر جو مختلف خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرايو پر سندس طبعيت نه سڌري سگھي.
وارث نينگر کي ايمبولينس ذريعي ڪراچي کڻائي وڃي رھيا ھئا ته ھُن رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
نينگر جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ کانپوءِ گھر ۾ ڪھرام ۾ مچي ويو.- Advertisement -
