- Advertisement -
روس، يوڪرين جي اهم اسٽريٽجڪ شهر مارينڪا تي قبضو ڪري ورتو آهي جڏهن ته يوڪرين پاران روس جا 5 فوجي جهاز ڪيرائي تباهه ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، قبضي ۾ ورتل علائقي مارينڪا روس ۾ شامل شامل علائقي ڊونئيسڪ ڀرسان آهي.
روسي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان علائقي کي مڪمل آزاد ڪرائڻ سان روسي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڪارروائي ۾ شريڪ فوجين کي هيرو قرا ڏيندي چيو ته ان اڳڀرائيءَ دشمن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، هاڻي اڳتي وڌڻ جو موقعو به ميسر آهي.- Advertisement -
