اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي ويندي. پيپلز پارٽي طرفان ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن جي مهم جي شروعات پڻ ڪئي وئي ويندي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي. اڳوڻي آصف علي زرداري، پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا. پيپلز پارٽي جا جيالا وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري کين ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه ٻاهريان سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي. ڳڙهي خدابخش ۾ ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون