- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ملڻ وارو فيصلو بهتر عمل آهي، هو چاهين ٿا ته سڀ اليڪشن ۾ حصو وٺن ۽ مقابلو ڪن.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جو لفظ بلاول فيور لاءِ استعمال ناهي ڪيو، سندن خواهش آهي ته سڀني کي موقعو ملڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ جي ڀلائي جي ڳالهه ڪئي وڃي، پراڻي روايتي انتقام واري سياست نه ٿيڻ گهرجي.
پ پ اڳواڻ ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي گهرجي ها ته اها انٽرا پارٽي اليڪشن بهتر نموني ڪرائي ها، تحريڪ انصاف جون پنهنجون غلطيون به آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ کي بيٽ نشان ملڻ وارو فيصلو بهتر عمل آهي.
هن چيو ته هو چاهين ٿا پي ٽي آءِ چونڊن ۾ حصو وٺي ۽ چونڊ ميدان تي مقابلو ڪري، هو سنڌ۾ مقابلي لاءِ تيار آهن.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڏيهه واپس آيو ته کيس ڀليڪار ڪيو پر هن وقت تائين چونڊن بابت هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو.
ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالفن جو اتحاد ٺاهيو ويو آهي، پر گذريل چونڊن ۾ هر چونڊيل نمائندو پ پ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو.- Advertisement -
