- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو قتل هڪ منظم سازش جو نتيجو هو، شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، بينظير ڀٽو هارين، مزدورن، اقليتن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو تحفظ ڪيو، پاڪستان کي روشن خيال ۽ جمهوري ملڪ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد تان بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بينظير ڀٽو سنڌ، پنجاب، ڪي پي، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت لاءِ ٻڌي جي علامت هئي.
هن چيو ته شهيد راڻي بينظير ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪي دفاع کي مضبوط ڪيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو قتل هڪ منظم سازش جو نتيجو هو.
سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو هارين، مزدورن، اقليتن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو تحفظ ڪيو، پاڪستان کي روشن خيال ۽ جمهوري ملڪ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد تان بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو تاريخي شخصيت هئي، پر زندهه تحريڪ ۽ روشن راهه آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي شهيد قيادت جي فلسفي تي سختي سان عمل ڪندي، پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي…….- Advertisement -
