- Advertisement -
ڳوٺ عزيز الله جعفري ۾ 25سالن جي شوڪت پٽ قاسم جعفري پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو- Advertisement -
