- Advertisement -
فيض گنج ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات دير سان رتڙ پڪٽ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ سمندر عرف سڪندر گوپانگ طور ٿي آهي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڦورو فيض گنج تعلقي جو رهواسي نه آهي، جوابدار کي ٻي هنڌ تان گرفتار ڪري پوليس مقابلو ڄاڻائي کيس زخمي ڪيو آهي.- Advertisement -
