- Advertisement -
اسرائيلي جا غزا تي جارحاڻا حملا جاري، 24 ڪلاڪن دوران ٻن صحافين سميت وڌيڪ 300 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
يهودي فوج جي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻن صحافين سميت 300 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا.
شهيد فلسطينين جو انگ 21 هزار 300 کان وڌي ويو.
بيت لاحيا، خان يونس ۽ المغازي وارن علائقن ۾ رهائيشي علائقن ۽ اسپتالن جي ڀرپاسي وارن علائقن تي بمباري ڪئي.
اسرائيلي فوج شهرين کي وچ غزا مان شيلٽرز ۾ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رح جي ڪويتي اسپتال ڀرسان رهائشي عمارت تي اسرائيلي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا.
بيت لاهيا، خان يونس ۽ المغازي جي علائقن ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
حماس جي ٻن ڏينهن جي ڪاررواين ۾ 22 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.- Advertisement -
