- Advertisement -
بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اِي سي) جو اجلاس اڄ لاهور ۾ ٿيندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور پهچي ويو آهي جڏهن ته ، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جي اڄ لاهور پهچڻ جا امڪان آهن.
سي اي سي اجلاس ۾ چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ سان گڏ ٻين معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا..پ پ چيئرمين سڀاڻي اڊا پلاٽ رائيونڊ روڊ تي ورڪز ڪنوينشن کي خطاب ڪندو جنهن دوران ن ليگ اڳواڻ چوڌري عبدالغفور ميو جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ 90سيڪڙو اميدوار فائنل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته اين اي 127 ۾ صوبائي سيٽن تي اميدوارن جو فيصلو بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.- Advertisement -
