- Advertisement -
تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان ملندو يا نه، سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌايو پيو وڃي،
سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ وڪيل حامد خان جي دليلن کي ڊرامائي قرار ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊ ۾ عهديدار اليڪشن نه پر سليڪشن ذريعي آيا آهن،
پي ٽي آءِ پنهنجي ئي ميمبرن کي ليول فيلڊ فراهم نه ڪئي، فوزيه قصوري سميت پي ٽي آءِ جي باني ميمبرن کي موقعو نه ڏنو ويو آهي، بنا مقابلي چونڊ ۾ به ووٽنگ ٿيڻ گهرجي، رڳو سوشل ميڊيا تي اليڪشن ڪميشن خلاف الزام درست نه آهن، بدنيتي ثابت ڪرڻي پوندي
، جمهوريت ملڪ سان گڏ سياسي پارٽين اندر به هئڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي ڪاغذ ڏيکاري چئي نه ٿو سگهجي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي آهي، انٽرا پارٽي چونڊ قانوني طريقي سان ٿي آهي ته چونڊ نشان ملڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر استعيفيٰ ڏئي ٻئي پارٽي جوائن ڪئي آهي ته سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو وڃي، ڇا پي ٽي آءِ پاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نه ڪيو،
تحريڪ انصاف کي پنهنجي ساڍا 8 لک ميمبرن تي اعتماد ڇو ناهي؟، پارليامينٽ جو قانون آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ جمهوريت پيدا ڪن، ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار واضح ۽ سخت ترين رهيو آهي،
پي ٽي آءِ رڳو الزام هڻڻ ۽ سياسي ڊرامو چاهي ٿي ته ادارا ڪمزور ٿي ويندا، توهان اِهو نه ٿا چئي سگهو ته پنهنجي گهر ۾ جمهوريت گهرجي ٻئي هنڌ نه گهرجي، سياست آهي ئي جمهوريت، وڏن وڏن عهدن تي سڀني کي خبر آهي ته سياسي پارٽين ۾ ڪهڙا عهديدار آهن، ننڍن عهدن تي ته ماڻهن کي موقعو ملڻ گهرجي- Advertisement -
