- Advertisement -
ڪراچي ۾ پوليس مختلف مقابلن دوران هڪ ڏوهاري مارجڻ ۽ ٽن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ ڪالوني ڀرسان ميوه شاهه قبرستان وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي قيوم آباد ڪريڪ روڊ تي مقابلي دوران پوليس ٻن ڦورن کي زخمي هالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڦورن جي سڃاڻپ اشفاق ۽ ساجد خان جي نالن سان ٿي آهي، سندن قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي.
هوڏانهن گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي…..- Advertisement -
