پاڪ ايران ڇڪتاڻ بعد صورتحال تي غور لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جا ڌار ڌار اجلاس اڄ طلب

- Advertisement -
پاڪ ايران ڇڪتاڻ واري معاملي بابت قومي سلامتي ڪميٽي ۽ نگران وفاقي ڪابينا جا ڌار ڌار اجلاس ٿي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس 3 وڳي ٿيندو. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف، نيول چيف ۽ هوائي فوج جي سربراهه سميت ڳجهن ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيندا. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾  پاڪ – ايران ڇڪتاڻ ۽ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي. قومي سلامتي ڪميٽي امن امان جي صورتحال بابت اهم فيصلا به ڪندي. نگران وفاقي ڪابينا اجلاس جي وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ هاڻي 2 وڳي بدران شام ساڍي پنجين وڳي ٿيندو. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سلامتي جي صورتحال بابت غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي فيصلن جي ڪابينا اجلاس ۾ منظور ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
32%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون