- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ گجرات ۾ سياسي پاور شو جو مظاهرو ڪندي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ منجهند ٻي وڳي جلسي کي خطاب ڪندو، جلسي گاهه ۾ ڪارڪنن جي لاءِ ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جلسي جي ميزباني قومي اسيمبلي جو اميدوار قمر زمان ڪائره ۽ آصف بشير باگٽ ڪندو.
پيپلزپارٽي طرفان عام چونڊن لاءِ اليڪشن مهم زور شور سان جاري آهي، اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ روزاني جي بنياد تي جلسن کي خطاب ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري به چونڊ مهم لاءِ سرگرم آهي.- Advertisement -
