- Advertisement -
پي ايس 10 لاڙڪاڻو رتوديرو تي پ پ اميدوار فريال ٽالپر چيو آھي ته پيپلزپارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي، ڪجھه پ پ پ مخالف پارٽيون پنھنجي شڪست ڏسي عوام کي گھمراهه ڪري رھيون آھن، گذريل پندرنھن سالن ۾ سنڌ اندر مثالي ڪم ٿيا آھن وڏا وڏا ادار قائم ٿيا آھن ۽ روزگار ڏنو آھي، عوام غلط افواھن ۽ پروپينگنڊا تي ڌيان نه ڏي.
رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ ملاقاتن دوران ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته 8 فيبروري تي عوام وڌ ۾ وڌ ٻاھر نڪري پنھنجو ووٽ تير کي ڏئي پنھنجي ٻچن جي روشن مستقبل لاءِ رستو ھموار ڪن، عوام با شعور آھي خدمت ڪندڙن جا ھٿ مضبوط ڪندو.
ھن چيو ته هنن ڪنھن به ماڻھو کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو ناھي ڇڏيو، شھيد بينظير ۽ بلاول ڀٽو جي نظرئي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئين سوچ پيدا ڪن ۽ 8 فيبروري تي پ پ جي فتح جوڏھاڙو هوندو.- Advertisement -
