پاڪ فوج   پرامن ۽ تشدد کان پاڪ چونڊن تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي

- Advertisement -
پاڪ فوج   پرامن ۽ تشدد کان پاڪ چونڊن تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل  بيان ۾ چيو ويو آهي ته  پاڪ فوج آئيني اختيارن تحت شفاف چونڊون يقيني بڻايون آهن. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج ٻين سڪيورٽي ادارن سان گڏجي شفاف چونڊون يقيني بڻايون آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردي جي واقعن ۾ 10 اهلڪارن سميت 12 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، اميد آهي ته پاڪ فوج جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. ترجمان موجب 6 هزار نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي هڪ لک 37 هزار فوجي اهلڪارن ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري ۽ 7 هزار 8 سئو کان وڌيڪ ڪوئڪ رسپانس فورس جي جٿن سان عوام لاءِ محفوظ ماحول يقيني بڻايو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب  ڪي  پي ۽ بلوچستان ۾ 51 دهشتگرد حملن ذريعي  چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ترجمان موجب دهشتگردن جي حملن ۾ سڪيورٽي فورسز جي 10 اهلڪارن سميت 12 ڄڻن شهادت ماڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي کي مضبوط نموني يقيني بڻايو ويو، فعال انٽيليجنس ۽ فوري ڪارروائي ذريعي ڪيترن ئي امڪاني خطرن کي بي اثر ڪيو ويو جيڪو سندن شهرين جي جمهوري حقن جي حفاظت لاءِ  سندن سڪيورٽي ايجنسين جي مضبوط عزم کي ظاهر ڪري ٿو. آءِ ايس پي آر  موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٿورائتا آهن جن جمهوري عمل  جي حفاظت لاءِ هٿياربند فوج سان گڏجي ڪم ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب  کين اميد آهي ته پاڪ فوج جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ عام چونڊون ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ عوام جي اميدن کي پورو ڪرڻ  جو رستو صاف ڪنديون. هن چيو ته پاڪ فوج  ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي جمهوري روايتن جي حفاظت لاءِ مضبوط حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون