گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران پاڪستاني سياستدنن کي پرسڪون رهڻ جي صلاح

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستاني سياستدانن کي ووٽن جي ڳڻپ دوران پرسڪون ۽ صبر ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. سرڪاري خبرن ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان موجب سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چونڊن جي موقعي تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ موبائل سروس بند ڪرڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربراهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو پاڪستاني چونڊن کي ويجهي کان مانيٽر ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پراميد آهن. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سمورن سياسي اڳواڻن کي صلاح ڏني ته هو ووٽن جي ڳڻپ ۽ حتمي اعلان ٿيڻ تائين پرامن رهن ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به صبر ڪرڻ جي هدايت ڪن ۽ ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪن جيڪو تشدد کي هوا ڏئي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون